ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد مجاهد ڪالوني ۾ ماءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلايا ويا، انهن جو قاتل گهر جو چوڪيدار نڪتو، مجاهد ڪالوني جي گهر ۾ موجود کوهه مان ماءُ ۽ پٽ جا لاش ڪڍيا ويا، ايس ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل حفيظ بگٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته گهر جي کوهه مان ماءُ ۽ پٽ جا لاش ڪڍيا ويا، ماءُ ۽ پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، ايس ايس پي حفيظ بگٽي موجب جوابدار گرفتاري بعد لاشن جي نشاندهي ڪئي، جوابدار جي نشاندهي تي لاش کوهه مان ڪڍيا ويا، ايس ايس پي حفيظ بگٽي موجب ٻٽي قتل ۾ ملوث چوڪيدار سميت 2 مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، هڪ مفرور آهي، گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ٻن ساٿين سان گڏجي واردات ڪئي هئي، ايس ايس پي موجب 20 سيپٽمبر تي نور شفاءِ نالي عورت پنهنجي ڀاءُ ۽ ماءُ جي گمشدگي جي رپورٽ ناظم آباد پوليس کي ڏني هئي، فيصل نالي ملازم جي بيان ۽ ٽيڪنيڪل ڄاڻ ۾ فرق اچڻ تي شڪ ٿيو، وحيد کي به گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جي نشاندهي تي کوهه مان لاش ڪڍيا ويا آهن، پوليس عملدارن موجب جوابدارن موجب ڌاڙي جي لاءِ گهر ۾ داخل ٿيا هئا، جوابدارن وارداتن کانپوءِ ماءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري لاشن کي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.