ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر )چيف سيڪريٽري ۽ اسپيڪر وچ ۾ سنڌ اسيمبلي اندر ڪرپشن بابت تڪرار نه نبريو،11 ڏينهن جي وقفي بعد ڪامورن جي طلبي جو ٻيو ڀيرو نوٽيس جاري ڪيو ويو.اينٽي ڪرپشن 3 آڪٽوبر 2023 صبح جو 11 وڳي ٽنهي آفيسرن کي طلب ڪري ورتو، تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي ۾ ڊي ڊي او حبيب سميجو، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حبيب سميجو، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد طارق مهر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ايڊمن منور علي راهو پاران اي جي سنڌ جي عملدارن سان ملي ڀڳت ذريعي اسيمبلي جي 997 ملازمن کان اڍائي ڪروڙن جي ڪيل فراڊ ۽ قومي خزاني کي اڍائي ڪروڙ روپين جي انڪم ٽيڪس ۾ ڪيل فراڊ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي جاچ روڪڻ لاءَ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي طرفان خط لکڻ واري معاملي جي 11 ڏينهن جي وقفي بعد چيف سيڪريٽري جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان هڪ ٻيو نوٽيس اماڻيو ويو آهي .