ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر روينيو کاتي جي 6 سب رجسٽرار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ کي ڪرپشن جون سنگين شڪايتون ملڻ تي فوري طور تي بدليون ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس باقر وزير روينيو يونس ڍاگا سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي 6 سب رجسٽرارن بدر ميتلو، شڪيل وگهيو، نديم بلوچ، اقبال حسين، اسماعيل راهپوٽو ۽ آصف سرڪي سميت هڪ آفيس سپرنٽينڊنٽ کي هٽائڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس باقر، مختيارڪارن ۽ ٻين روينيو آفيسرن جي بدلي/مقررين کانپوءِ ڪرپشن ۾ ڳجهي طور ملوث هجڻ تي بورڊ آف روينيو جي آفيس سپرنٽينڊنٽ ضياءَ شاهه کي عهدي تان هٽائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ياد رهي ته انهن آفيسرن کي تازو ئي مقرر ڪيو ويو هو ۽ هاڻي انهن جي جلد بدلي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته سندس خلاف انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.