رياض/اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ۽ خليج سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي نيدر لينڊز جي گادي واري شهر دي هيگ ۾ ڪيترن سفارتخانن جي ٻاهر قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن جي شديد مذمت ڪئي. سعودي خابرو اداري مطابق هن هڪ بيان ۾ چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جا واقعا ناقابل قبول عمل آهي ان سان سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو آزادي جي اظهار رائي جي اڙ ۾ ڪيل چڙ ڏيارڻ واري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ موثر ۽ فوري قدم کڻي.
احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنسز جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري
اسلام آباد(م ڊ)قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنسز جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. رجسٽرار آفيس کان وڌيڪ 15 ريفرنسز عدالتن ۾ جمع ڪرايا ويا. ٻُڌايو پيو وڃي ته نيب طرفان جمع ڪرايل ريفرنس جي جاچ پڙتال جو سلسلو گذريل ڏينهن به جاري رهيو. رجسٽرار احتساب عدالت ۽ نيب پراسيڪيوٽر احتساب عدالت جي ايڊمنسٽريٽو جج محمد بشير جي عدالت ۾ به پيش ٿيو ۽ ريفرنسز جي قانوني رُخن بابت عدالت کي آگاهه ڪيو. رجسٽرار آفيس ۾ ريفرنسز جي جاچ پڙتال مڪمل هئڻ بعد وڌيڪ 15 ريفرنسز احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرايا ويا جن مان احتساب عدالت 1 ۾ 6 ريفرنسز، احتساب عدالت 2 ۾ هڪ ريفرنس جمع ڪرايو ويو، جن تي ايڊمنسٽريٽو جج محمد بشير ملزمن کي نوٽيسز جاري ڪيا.