وارهه ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار نياڻي نازيا چنو زندگي جي جنگ هارائي وئي، ڌرڻو

وارهه (رپورٽ: منظور قريشي) وارهه ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي نازيه چنو ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ ھارائي وئي، لاش پهچڻ تي شھر سوڳ ۾ وٺجي ويو، فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو هنيو  ويو، مهينو اڳ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي نازيه چنو واقعي کانپوءِ مسلسل ذھني دٻاءُ جو شڪار ھجڻ سبب طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو هو، سخت تڪليف سبب ڪجھه ڏينهن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي آخري پساهه پورا ڪيا، اھڙي خبر بعد وارهه شھر ۾ سوڳ پکڙجي ويو، نياڻي جو لاش وارھ پهچڻ شرط شهرين دڪان بند ڪري ڇڏيا، فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو هنيوو يو، سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، شهرين ۽ مظاهرين الزام هڻندي چيو ته ڪيس جي آءِ  او راحيله گوپانگ جوابدارن جي سهولتڪار بڻيل آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته مهينو گذرڻ باوجود صحت کاتي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ناھي ڪئي، نازيه ڪيس ۾ گھربل ٻن اڻڄاتل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪيس ۾ قتل جا قلم شامل ڪيا وڃن، ٻئي طرف ايس ايس پي قمبر آصف رضا بلوچ  پريس رليز جاري ڪندي چيو ته نازيه چنو ڪيس ۾ وارثن سان مڪمل طور انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.