نائيجر ۾ فوجي بغاوت،فرانس پاران سفير واپس طلب

پيرس(م ڊ) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو  آهي ته فرانس جمهوري طور تي چونڊيل صدر محمد بازوم جو تخت الٽڻ بعد بغاوت جي تڪرار ۾ نائيجر مان سفير ۽ فوجين کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق هن چيو ته فرانس پنهنجي سفير ۽ فوج کي واپس گهرايو آهي ۽ اسان جو سفير ٻئي عملي سان گڏ جلد فرانس واپس ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فرانس دهشتگردي خلاف جنگ جي واحد مقصد سان نائيجر ۾ موجود هو. هن چيو ته اسان نائيجر جي سياسي زندگي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ پنهنجي سفير ۽ فوج کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.