سرڪاري ميڊيا ڪنهن سياسي پارٽي جي حمايت يا مخالفت نه ڪري:مرتضيٰ سولنگي

ڪراچي(رپورٽر)سڌ سماءَ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي، ته شفاف چونڊ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ نگران حڪومت  جي ذميواري آهي، سڀني سياسي پارٽين کي چونڊ وڙهڻ جي مڪمل آزادي حاصل هئڻ گهرجي، سرڪاري ميڊيا ڪنهن سياسي پارٽي جي حمايت يا مخالفت  نه ڪري ۽ رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي منصفاڻي ڪوريج فراهم ڪري. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڊجيٽل ڪرڻ لاءِ قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملازمن جي پگهارن جي ادائگي جهڙا مسئلا موجود آهن، قانوني ۽ آئيني اختيارن تحت انهن مسئلن کي حل ڪنداسين. نگران وفاقي وزير چيو ته پنهنجي محدود وقت کي مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪندس. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جديد دور جي گهرن کي پورو ڪري، هي منهنجو خواب آهي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري سان ملي ريڊيو پاڪستان جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ريڊيو پاڪستان جا معاملا سڌارڻ منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.