شهيد فاطمه ڦرڙو جو چاليهو، پوري سنڌ ان ڪيس ۾ انصاف چاهي ٿي: ساڃاهه وند

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻي پور جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جو چاليهو ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ جي ڊبليو سي پاران ملهايو ويو جنهن ۾  آس پاس جي علائقن سميت  سموري سنڌ مان هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ان موقعي تي آيل هزارين ماڻھن ج  ميڙ کي خطاب ڪندي جي ڊليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان وٺي مظلوم نينگري فاطمه جي خاندان سان گڏ آھيون اڄ  اهو هزارين ماڻھن جو هتي اچڻ ثابت ڪري ٿو ته سموري سنڌ مظلوم فاطمه جي خون سان انصاف چاهي ٿي ان موقعي تي  جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري چيو ته اسان ڪنهن شخص يا خاندان خلاف ناهيون اسان هر ان ظالم خلاف آھيون جيڪو ظلم ڪري ٿو جس آھي شهيد فاطمه جي وارثن کي جيڪي ثابت قدم بيٺل آھن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ،قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ جماعت اسلامي اڳواڻ اسد الله ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ پيرن جي ڪيل هن ظلم خلاف اسان متاثر خاندان سان گڏ آھيون ۽ اسان جو مرڪزي امير پڻ ھن ڳوٺ ۾ اچي وارثن سان ملي ويو ھو.سنڌ بار جي ميمبر ۽ نامياري وڪيل عبدالستار لهراڻي ۽ جسٽس آف پيس وڪيل لالا حسن پٺاڻ چيو ته اسان جس ڏيون ٿا جي ڊبليو سي کي جيڪي جتي به ڪو ناحق ٿئي ٿو اهي مظلومن جي پاسي تي  بيهن ٿا اسان قانوندان به ساڻن گڏ آھيون ان موقعي تي  سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته هي ڪيس هاءِ پروفائل آھي  نه فقط سنڌ واسي پر سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي متاثرن سان همدري ڪري رهيا آھن ان موقعي تي  جي ڊبليو سي اڳواڻن ظفر ابڙو , نذير پنهنور , ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ , ولي محمد جوکيو , راڻا شيرمحمد , استاد نورمحمد ڦرڙو,  نعيم احمد وڌڻ پوٽو  سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو. جي ڊبليو سي جي مرڪزي قيادت ذوالفقار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شھيد نينگري فاطمه جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙھي دعا ڪئي وئي ان موقعي تي جي ڊبليو سي جا شوڪت نوناري ،ظفر ابڙو، نذير پنهور، ظفر هڪڙو، ولي چانڊيو، راڻا شيرمحمد، عبدالستار لهراڻي، ثناء الله چنڙ سميت ٻيا هئا جڏھن نياڻي فاطمه جي  قبر تي گل پاشي به ڪئي وئي،پنڊال ۾ سخت گرمي جي باوجود هزارين ماڻھن سمورو پروگرام اٽينڊ ڪيو جڏھن ته مختلف سياسي , سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي نعيم وڌڻپوٽو، رحيم کوسو، عبدالشڪور عباسي، سلطان احمد گهانگهرو، غلام مرتضي قريشي، سهيل گهانگهرو سميت ٻيا موجود رهيا  جي ڊبليو سي پاران سموري سنڌ مان آيلن ۽ پنڊال ۾ موجود هزارين ماڻھن لاء ننگر نياز جو بندوبست ڪيو ويو ھو جڏھن ته صبح جو ڳوٺ ۾  شھيد نياڻي جي ايصال ثواب لاء  قران خواني جو اهتمام پڻ ڪرايو ويو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.