اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ فلسطيني شهيد

والاريل بيت المقدس (م ڊ) اسرائيلي قابض فوج والاريل اولهندي ڪناري ۾ طولڪرم جي اوڀر ۾ نورشمس ڪئمپ ۾ 2 فلسطيني نوجوانن  کي مٿي ۾ گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته 32 ورهين جو عبدالرحمان سليمان ابود غاش ۽ 21 ورهين جو اسد جباوي جا لاش کي تلڪرم جي سرڪاري اسپتال ٿابيت پهچايو ويو آهي، هوڏانهن اسرائيلي قابض فوج والاريل اولهندي ڪناري جي شهر رام الله جي اتر ۾ واقعي برزيت يونيورسٽي تي چڙهائي ۽ 7 شاگردن کي حراست ۾ ورتو آهي. فلسطيني خابرو اداري مطابق برزيت يونيورسٽي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته قابضي فوج يونيورسٽي تي چڙهائي ڪئي ۽ مواد ۽ ملڪيت کي ڀڃ ڊاهه بعد 7 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.