گهوٽڪي(ڊر)عوامي آواز پني عاقل جي رپورٽر مٿان حملو ڪندڙ جوابدار آزاد ڪرڻ خلاف گهوٽڪي ۾ صحافين جو آزاد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، پنوعاقل ۾ روزاني عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي ايس ايڇ او پنوعاقل پاران رشوت عيوض آزاد ڪرڻ واري عمل خلاف گهوٽڪي ۾ صحافين جو آزاد مهر، نياز چنو، عرفان علي سومرو،يونس ڀٽو، مشتاق شاهي لغاري، ظفر صديقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي رستم انڊڙ مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا ۽ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.