اتر سنڌ ۾ رياستي رٽ ختم، ڌاڙيلن کي ڇوٽ مليل، پيپلزپارٽي ذميوار آهي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ صوفي فورم پاران سنڌ ۾ خراب حڪمراني ۽ بدترين امن امان جي صورتحال جو ذميوار ڪير سبب ۽ حل جي عنوان ھيٺ ڪالھ حيدرآباد پريس جي آڊيٽوريم ھال ۾ پروگرام منعقد ڪيو  ويو. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، پاڪستان رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ بدر چنا، قمر الزمان راڄپر، عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ گلزار جماڻي، جي يو آءِ ف جي اڳواڻ خالد ڌامراھ، پروفيسر مشتاق ميراڻي، اشتياق انصاري، سچل اعواڻ، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، امير آزاد پنھور، عبدالسميع چانڊيو ۽ سنڌ جي موجوده تباھي ۽ بربادي توڙي بدامني جو ذميوار پيپلزپارٽي کي قرار ڏيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ 15 سالن کان اقتدار ۾ رھندڙ پيپلزپارٽي ئي سمورن بحرانن جي ذميوار آھي، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ جي ماڻھن جي زندگي ۾ ترقي آڻڻ بدران تباھي آڻي ڇڏي آھي، سنڌ حڪومت ۾ رھندڙ سمورن ماڻھن جي اثاثن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. ھنن چيو ته اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، جتي رياستي ۽ حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آھي، اتان جي ڌاڙيلن، سردارن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي، اغوا، ڌاڙن ۽ ڦرن جون وارداتون وڌي ويون آھن، قتل و غارت ۽ درندگي جا سمورا ليڪا لتاڙجي ويا آھن، اتر سنڌ ۾ رينجرز جي مدد سان ڏوھارين خلاف سخت آپريشن ڪري ڏوھارين کي ناس ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ھنن چيو ته سنڌ ۾ عدليا جي نظام کي بھتر بنايو وڃي ۽ تڪڙو انصاف فراھم ڪيو وڃي، پروگرام منعقد ڪيو ويو، قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪرپٽ ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، سنڌ مان افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.