”ڪيس تان هٿ کڻو“ ايس ايڇ او خانواهڻ جون شهيد فاطمه گهرڀاتين کي ڌمڪيون،معطل

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) ايس ايڇ او  خانواهڻ پاران فاطمه ڦرڙو جي گھر اچي سندس امڙ ۽ والد کي ڌمڪيون ايس ايڇ او خانواهڻ غني دايو طرفان فاطمه ڦرڙو جي امڙ ڪيس جي فريادڻ شبنم ڦرڙو ۽  نديم ڦرڙو ۽  فاطمه ڦرڙو جي ٽن ڀينرن کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪيس تان هٿ کڻو فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم ڦرڙو ۽ والد نديم ڦرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏو ظلم نسوورو ناحق آھي ايس ايڇ او اسڪول مان اسان جي ٻارڙن کي گھرائي اسان جي گھر اچي چيو ته فاطمه ڦرڙو توهان لاءِ سون جي جهرڪي بيڻل آھي ڪيس تان هٿ کڻو. فاطمه ڦرڙو جي امڙ وڌيڪ چيو ته آءُ فاطمه جي خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪندس اسان کي خانواهڻ ايس ايڇ او غني دايو نه ٿو کپي ڦورن ان هٽايو وڃي اسان کي جان جو خطرو آهي،جڏهن ته ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد بلوچ سخت نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او خانواهڻ کي سسپينڊ ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو. ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر نوشهروفيروز کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو ٻن ڏينهن اندر ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ايس ايس پي نوشهروفيروز حوالي ڪندو واضع رهي ته راڻي پور ۾ بيدردي سان قتل ٿيل فاطمه جي ماءُ ۽ فاطمه قتل ڪيس جي فريادي شبنم فرڙو 3 ڏينهن اڳ سنڌ جي نگران گهرو وزير آڏو پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ايس ايڇ او خانواهڻ عبدالغني دايو مون کي اغوا ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ راڻيپور جي پيرن جو ساٿي آهي ان ڪري ايس ايڇ او کي فوري طور تي بدلي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • پير فياض شاهه ۽ منصور ميمڻ جو 4 ڏينهن جو رمانڊ

راڻيپور (ن ع آ) خيرپور پوليس جوابدارن پير فياض شاھ ۽ منصور ميمڻ کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته خيرپور پوليس پاران ٻنهي جوابدارن  کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت جوابدارن جو 4 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي خيرپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو پوليس پير فياض شاھ ۽ منصور ميمڻ کي راڻيپور ۾ ڪٺُ گُهرائڻ , پوليس ۽ صحافين مٿان دٻاءُ وجهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو پير فياض شاھ جي فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مُک ايف آءِ آر ۾ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت پڻ ٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.