ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ آچر24 سيپٽمبر تي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ بدترين مهانگائي خلاف آچر24 سيپٽمبر تي شام جو 05وڳي هر شهر ۾ موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون روڊن تي جام ڪري ڌرڻا لڳائي حڪمرانن جي غلاماڻين پاليسين خلاف احتجاج نوٽ ڪرايو ويندو، صوبائي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صوبائي امير محمد حسين محنتي ٺٽو، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻو، مولانا عبدالوحيد قريشي حيدرآباد، عبدالحفيظ بجاراڻي جيڪب آباد ۽ مولانا حزب الله جکرو سکر ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندا. صوبائي امير محمد حسين محنتي جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي غلام حڪمرانن پاران پيٽرول، ڊيزل، بجلي سميت روزاني استعمال جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسيو ويو آهي