” سنڌ گهري ٿي امن، سردارن مان جند ڇڏايو“ ڪنڌڪوٽ ۾ امن ريلي

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڏوھاري راڄ  سان گڏ قبيلائي تڪرارن جو به وڏو آزار آهي جنهن ۾ روز روز بيگناھه قتل عام ٿي رھيا آهن خوني تڪرارن سبب امن امان تباهه ٿي رھيو آهي انھي ڪري ڪنڌڪوٽ جي سول سوسائٽي تنظيم جي اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، ظريت ساگر بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، بشير ميراڻي، اشوڪ ڪمار سونارو، شاھنواز مرهٽو، درپن ڪمار، اصغر شيخ، احمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ امن جا اڇا جھنڊا کڻي گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن ريلي ڪڍي سنڌ گھري ٿي امن، اسان کي ڏيو امن، امن زنده آباد جا نعرا هنيا ويا، امن ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قبيلائي تڪرارن ضلعي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ضلعي ۾ رھندڙ اڪثر برادريون ڪنهن نه ڪنهن سان تڪرارن ۾ جڪڙيل آهن قبيلائي تڪرارن ۾ بيگناھه قتل عام ٿي رھيو آهي پر پوليس ۽ قانون جي گرفت کان جوابدار آزاد آهن،هنن چيو ته سردار، ڀوتار پنهنجون اوطاقون آباد ڪرڻ لاءِ قبيلائي تڪرارن کي ختم نه ٿا ڪرائين قاتلن کي قانون کان بچائي سرداري ھلائن ٿا ڏوھارين، سندس سھولتڪارن، سرپرستن جي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي اھڙي ريت قبيلائي تڪرارن ۾ گھربل جوابدارن، سردارن ۽ ڀوتارن جي خلاف به ڪاروائيون ڪري ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت سنڌ جو امن بحال ڪرايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.