گاڏين جي درآمد اوٽ ۾ هنڊي جو انڪشاف،ايف آءِ اي جو ڪريڪ ڊائون

ڪراچي(م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پرڏيهي گاڏيون امپورٽ ڪرڻ جي آڙ ۾ حواله هنڊي جي انڪشاف خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب ايف آءِ اي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث ڪار شو روم مالڪن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي ۽ شروعاتي طور تي ڪراچي جي خالد بن وليد روڊ جي 4 ڪار شو روم مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.ان سلسلي ۾ شو رومز مالڪن کي 26 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل صدر ڪراچي کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ مالڪن کي پهرين جنوري 2021ع کان هن وقت تائين امپورٽ ٿيل گاڏين جو رڪارڊ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.انڪشاف ٿيو آهي ته پاشاهندي ذريعي پرڏيهه مان امپورٽ ٿيل گاڏين جي آڙ ۾ بليڪ مني سفيد ڪيو پيو وڃي.جاچ ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ڪار شو روم مالڪن کان جاچ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.