گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان نوجوان زال گوليون هڻي قتل، سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي حسن ساوند ۾ جوابدار مُڙس غلام نبي ساوند مبينه طور ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان 27 سالا گهرواري مسمات مورزادي عرف موران ساوند کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سرحد پوليس ڳوٺ علي حسن ساوند پهچي واقعي واري هنڌ تان مقتولا ناري موران ساوند جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سرحد ٿاڻي تي منتقل ڪيو جتان لاش پوسٽ مارٽم لاءِ گهوٽڪي سول اسپتال نيو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ناري جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول هئا ته ته جوابدار مڙس غلام نبي ساوند ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري مسمات موران ساوند کي پنهنجي ئي برادري جي پيرسن سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آھي.