آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري ۽ ڌاڙيل فورسز جي قابو ۾ نٿا اچن؟

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي 28 هين اجلاس جي صدارت ڪندي سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف پاڪ فوج/رينجرز  سان گڏجي جامع گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، ڊرگ مافيا ۽ غيرقانوني هائيڊرنٽس جي آپريشن کي روڪڻ ۽ سنڌو درياهه تي گهوٽڪي-ڪشمور پل جي تعميراتي ڪم کي شروع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن جي خاتمي سميت اسٽريٽ ڪرمنلن، ڊرگ مافيا ۽ هائيڊرنٽس جي غير قانوني آپريشن جي خاتمي سان عوام جو حڪومت ۽ ادارن تي اعتماد وڌندو. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته شهر جي ٿاڻن جي مجموعي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير مايوسي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڌاڙيلن گهوٽڪي-ڪشمور پل جي تعمير ڪرڻ نٿا ڏين تنهنڪري ڪم بند ڪيو ويو آهي. نگران وڏي وزير سوال ڪيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري ۽ ڌاڙيل فورسز جي قابو ۾ نٿا اچن؟ اِهي ڌاڙيل هر صورت ۾ جنم ڀيڙا ٿيڻ کپن، افسوس آهي ته انهن ڌاڙيلن جي ڪري گهوٽڪي-ڪشمور پل جو ڪم رُڪيل آهي . ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو جلد واقعي واري هنڌ پهچن ۽ اتي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز، عمر سومرو ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڀنگ عيوض اغوا: گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار امن امان ۽ خاص طور ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2023 ۾ ٽوٽل 220 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو جن ۾ لاڙڪاڻي مان 128 ڄڻا، سکر مان 46، ڪراچي مان 42، حيدرآباد مان 3 ۽ شهيد بينظير آباد مان هڪ ڄڻو شامل آهي.  220 يرغمالين مان 210 کي بازياب ڪرايو ويو آهي جن ۾ 121 لاڙڪاڻو، 41 سکر، 42 ڪراچي ۽ ٽي حيدرآباد جا آهن. سکر ۽ لاڙڪاڻي جي علائقن ۾ هن وقت رڳو 10 ماڻهن کي بازياب ڪرڻو آهي جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي. آءِ جي جو چوڻ هو ته 50 کان 60 بدنام ڌاڙيل آهن ۽ باقي قبائلي آهن. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن ۾ ڌاڙيلن کي جهنم پهچائڻ لاءِ لسٽون تيار ڪيون ويون آهن.   اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رينجرز/پاڪ فوج سان گڏيل آپريشن جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. آپريشن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي ۽ منظم هٿيارن جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ۾ فوجي هٿيارن جو پهريون ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انٽيليجنس ايجنسيون پڻ آپريشن ۾ مدد ڪري رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آپريشن لاءِ جديد فوجي هٿيارن جهڙوڪ سنائپر رائفلن، گرنيڊ لانچرن، مارٽرز، نائيٽ ويزن ڊيوائسز ۽ ڊرونز جي ضرورت آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ اين او سي گهرو /دفاع واري وزارت وٽ التوا هيٺ آهي. ان تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته هو اڳ ئي ڪليئرنس ڏئي چڪا آهن، رڳو گهرو وزير کي باضابطا اين او سي جاري ڪرڻو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ٽاسڪ ڏنو ته هو اين او سي لاءِ گهرو وزارت سان ڳالهائي ته جيئن پاڪ فوج کان هٿيار خريد ڪري سگهجن. آءِ جي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي خالي ڪرائڻ لاءِ جامع آپريشن پلان جوڙيو آهي جنهن ۾ فوجين جي صلاح مشوري لاءِ هوائي رستي رسائي جو بندوبست ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چئن ضلعن جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 50-50 اهلڪارن تي ٻڌل 18 فارورڊ بيس ڪيمپ قائم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 6 گهوٽڪي ۽ ڪشمور، 4 شڪارپور ۽ 2 سکر ۾ قائم ڪيا ويا آهن.  400 پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 210 چيڪ پوسٽن تي 3200 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته آپريشن جا سمورا خرچ وقت تي جاري ڪيا ويندا.   ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند ڪميٽي کي ڪراچي ۾ ڏوهن جي مجموعي صورتحال خاص طور اسٽريٽ ڪرائم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2013ع ۾ شهر ۾ قتل جا 3467 واقعا ٿيا جڏهن ته 2023ع ۾ اهو انگ 411 تائين ڪنٽرول ڪئي وئي ۽ قتل جي ڪيسن ۾ 329 گهربل جوابدار گرفتار ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته قتل جو بنيادي سبب ذاتي دشمني/ تڪرار آهي. 2013ع ۾ ڀتا خوري جا 533 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته هن سال رڳو 100 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پوليس ڀتا خوري ۾ ملوث 86 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. سٽريٽ ڪرائم: 2013 ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 39,884 ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪي 2022 ۾ وڌي 85,502 ٿي ويا، جڏهن ته هن سال 2023 ۾ (17 سيپٽمبر تائين) هيستائين 61,098 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائم نه رڳو عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪيو آهي پر حڪومت کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ ضلع اوڀر 17570 ڪيسن سان پهريون نمبر، ضلع سينٽرل 14648 ڪيسن سان ٻيو نمبر آهي، ضلع ڪورنگي 10731، ضلع اولهه 6551، ملير 3193، ڪيماڙي 3174، ڏکڻ 3174 ۽ 2741 سٽي ۾ 2490 ڪيس آهن.  وڏي وزير چيو ته جڏهن پوليس وٽ ڊيٽا آهي ته ڪٿي ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي ته پوءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايپڪس ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڊرگ مافيا جي خلاف پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن شروع ڪيو وڃي. ڪميٽي رش جي وقت ۾ ڪچي آبادين ۾ بار بار ڪومبنگ آپريشن ۽ اسنيپ چيڪنگ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ضمانت تي آزاد ٿيل ڏوهارين، بار بار ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين، منشيات فروشن ۽ فرار ٿيلن خلاف نگراني ۽ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.  اجلاس ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا نيٽ ورڪ ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرز ذريعي نگراني وڌائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير صوبائي نگران وزير عمر سومرو جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ ڊي جي سيف سٽي اٿارٽي اعزاز شيخ شامل هئا. اجلاس هڪ هفتي ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو ۽ وڏو وزير سيف سٽي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اجلاس طلب ڪندو.   ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته رينجرز پوليس سان گڏجي غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ناظم آباد ۽ نئون ناظم آباد، ضلع سينٽرل، اورنگي، منگھوپير ۽ ضلع اولهه ۾ بلديه، ضلع ڏکڻ ۾ جمشيد ڪوارٽرز ۽ ضلع اوڀر ۾ چڪرا ڳوٺ ۾ 27  آپريشن ڪيا ويا. ڊي جي رينجرز اجلاس کي ٻڌايو ته 27 غير قانوني هائيڊرنٽس سيل ڪيا ويا ۽ 43 ماڻهن کي گرفتار ڪري واٽر بائوزر ضبط ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته واٽر بورڊ کي محتاط رهڻو پوندو ته جيئن سيل ٿيل هائيڊرنٽس ٻيهر ڪم شروع نه ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.