اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي چيو آهي ته ملڪ جون جيڪي حالتون آهن، سمورن سياستدانن کي چونڊن کان اڳ حفاظتي ضمانت ڪرائڻ گهرجي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز الاهي چيو ته جيل ۾ کاڌو کائڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي ويندي آهي، پهريان ڊاڪٽر جي سهولت هئي، پر هاڻ ڊاڪٽرن سان ملڻ به نٿا ڏين. پي ٽي آءِ صدر جو چوڻ هو ته عام چونڊون نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ جو نظام رُڪجي ويو آهي، جيڪي حالتون آهن، سمورن سياستدانن کي مشورو ڏيان ٿو ته اليڪشن کان اڳ عدالتن مان حفاظتي ضمانت ڪرائي وٺن. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان بيڪ ڊور ڳالهين جي حوالي سان ڪجهه نٿو چئي سگهان، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نواز شريف ملڪ واپسي جي تاريخ تبديل ڪري رهيو آهي.