ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڊپٽي ڪمشنر ملير (ر) ڪيپٽن محمد سعيد لغاري جي هدايتن تي بن قاسم انتظاميه ۽ رينجرز طرفان پورٽ قاسم ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر 52 ونگ ڪرنل ضياءُ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم سيد ناد علي شاهه جو پورٽ قاسم ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هنيو ويو، ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل 78 هزار کنڊ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون، رينجرز ۽ ملير جي انتظاميه کنڊ جون 78 هزار ٻوريون هٿ ڪرڻ بعد گُدام کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر ملير ڪيپٽن (ر) محمد سعيد لغاري جو چوڻ آهي ته هٿ آيل کنڊ جي ماليت 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.