اسلام آباد ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اربين رُپين جي ماليت جا ڪرپشن ريفرنسز ٻيهر کولڻ کانپوءِ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، نيب چيئرمين ڪرپشن خلاف ڪارروائين لاءِ حساس ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت نيب اهم عهدن تي تي مقررين لاءِ ڊيپوٽيشن تي حساس ادارن کان آفيسر گهري ورتا آهن. حساس ادارن جا آفيسر ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر نيب لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين نذير احمد جي منظوري سان حساس ادارن جي آفيسرن جي خدمتن لاءِ خط لکيو ويو آهي، جڏهن ته نيب ۾سمورين خالي جاين تي به فور طور مقرريون ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيندڙ حساس ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار نيب آفيسز ۾ فرض انجام ڏيندا ۽ نيب آفيسن ۾ مضبوط ۽ اثرائتو انٽيليجنس سسٽم قائم ڪيو ويندو.