جلد نوان گئس اگهه مقرر ڪبا، گهريلو واهپيدار به متاثر ٿيندا: توانائي وزير

لاهور(م ڊ) نگران وفاقي توانائي وزير محمد علي چيو آهي ته هو گئس جي قيمتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ جلد ئي گئس جي  قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪنداسين. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته گئس جي کوٽ جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. محمد علي چيو ته گهريلو صارفين تي ڪجهه فرق پوندو، ڏکڻ ۾ گئس جي قيمت ۾ واڌ نه ٿيندي، پاڪستان جي اتر ۾ گئس جي قيمت وڌائڻي پوندي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته ڪمزور طبقن تي بار نه وڌو وڃي، ڪوشش آهي ته گئس جي کوٽ پيدا نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.