پاڪستان اميرن کان ٽيڪس وصول ڪري ۽ غريبن کي تحفظ ڏئي: آءِ ايم ايف سربراهه

نيويارڪ(م ڊ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيووا پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري ۽ مهانگائي جي هن دور ۾ غريبن کي تحفظ ڏئي.واضح رهي ته آگسٽ مهيني ۾ پاڪستان ۾ سالياني مهانگائي 27.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب عوام جي گهريلو بجيٽ سخت متاثر ٿي آهي، ان کان علاوه هلندڙ مهيني بجلي جي بلند بلن خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.حڪومت شروع ۾ عوام کي ڪجهه رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر بعد ۾ پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدن جو حوالو ڏيندي رليف جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ سان ملاقات کانپوءِ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته مون کي يقين آهي ته اهو ان جي مطابق آهي، جيڪو پاڪستان جو عوام ملڪ جي لاءِ ڏسڻ چاهي ٿو.هن چيو ته اسان پنهنجي پروگرام ۾ جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيون اهو آهي ته مهرباني ڪري اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪريو ۽ پاڪستان جي غريب عوام کي تحفظ ڏيو، مان سمجهان ٿي ته اهو ان جي مطابق آهي جيڪو پاڪستاني عوام ملڪ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.ملاقات کانپوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو ته هن پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.هن وڌيڪ چيو ته اسان استحڪام کي يقيني بڻائڻ، پائيدار ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ، ٽيڪس گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به ملاقات بابت جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته هن آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر سان تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.