لاهور(م ڊ) نگران وفاقي توانائي وزير محمد علي چيو آهي ته هو گئس جي قيمتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ جلد ئي گئس جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪنداسين. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته گئس جي کوٽ جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. محمد علي چيو ته گهريلو صارفين تي ڪجهه فرق پوندو، ڏکڻ ۾ گئس جي قيمت ۾ واڌ نه ٿيندي، پاڪستان جي اتر ۾ گئس جي قيمت وڌائڻي پوندي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته ڪمزور طبقن تي بار نه وڌو وڃي، ڪوشش آهي ته گئس جي کوٽ پيدا نه ٿئي.