راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊيءَ ۾ شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي خالي ڪرائي سيل ڪئي وئي، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ لال حويلي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو، بورڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان موجب شيخ رشيد ۽ شيخ صديق لال حويلي بابت ڪو قبولڻ جوڳا دستاويز پيش نه ڪري سگهيا، شيخ رشيد ۽ سندس وڪيل دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ بار بار مهلت گهرندا رهيا، شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ ملڪيت تي غيرقانوني طور قابض آهن، لال حويلي ۽ دم دما مندر اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ملڪيت آهن، لال حويلي سيل ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جي چيئرمين ڪيو، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي فيصلي جي روشني ۾آپريشن ڪيو ويو، شيخ رشيد جي رهائشگاهه سيل ڪري ان جو ڪنٽرول سنڀاليو ويو، حويلي ٻاهران ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽري بورڊ جي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي.