اسلام آباد (م ڊ) نجڪاري بابت نگران وزير فواد حسن فواد چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري متعلق افواهون پکيڙيون پيون وڃن، نگران ناڻي واري وزير جي ڪري 48 ڪلاڪن ۾ پي آءِ اي جي لاءِ پئسن جو انتظام ڪيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد حسن فواد چيو ته نگران حڪومت جي قدمن سان پي آءِ اي جو آپريشن روان دوان آهي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون ته 3 مهينن ۾ پي آءِ اي بند ڪري ڇڏينداسين، نجڪاري جي ڪا ايجنڊا هن نگران سرڪار جو آهي ته اها ڳالهه غلط آهي، فواد حسن فواد چيو ته نجڪاري جو عمل 2001 کان شروع ٿيو، نجڪاري ڪرڻ اسان جو مينڊيٽ ناهي، اسان جو ڪم مينڊيٽس اڳتي کڻي هلڻ آهي، نگران حڪومت متعقل نجڪاري جي معاملي تي غلط خبرون هلايون ويون، نگران وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت نگران حڪومت کي اختيار ڏنا، نجڪاري جي عمل جي هر مرحلي جو مقرر وقت آهي، مان يقين ڏياريان ٿو ته پي آءِ اي بند نه ٿيندي، ان موقعي تي موجود نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته جنوري جي آخري هفتي ۾ آئين موجب چونڊون ٿينديون، سڀ کان وڏي خبر اليڪشن ڪميشن طرفان آئي آهي، نگران سرڪار جي ڊگهي مدي واريون خبرون ڏيندڙن لاءِ مايوسي واري خبر آهي.