اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين واري ڪم جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو، تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سپٽيمبر تي شايع ڪئي ويندي. پڌرائي موجب، تڪبندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽيهه نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حتمي فهرست شايع ٿيڻ جي 54 ڏينهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چوندون ڪرايون وينديون. پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ ڏيڻ سان غير يقيني صورتحال بهتر ٿيندي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اڳواڻ نياز الله نيازي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي تنقيد ڪندي مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته صدر کي اختيار آهي ته هو چونڊن جي تاريخ ٻڌائي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو آهي ته سموريون پارٽيون هاڻي چونڊن جي تياري ڪن ڇو ته ان اعلان سان غير يقيني صورتحال ختم ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن کي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن جي مقرر مدت اندر چونڊون ڪرائڻ جو پابند بڻائي ٿو. اليڪشن ڪميشن جنوري جي جيڪا به تاريخ مقرر ڪندي اها 90 ڏينهن جي آئيني مدي کان ٻاهر هوندي. سپريم ڪورٽ ۾ چونڊون 9 ڏينهن اندر ڪرائڻ جو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي. سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين قوم لاءِ 90 ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن به تاريخ کي قبول ڪرڻ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ سڀ کان وڏي پارٽي تحريڪ انصاف کي بدترين رياستي جبر جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ چونڊن جي ڪناري تي ڌڪيو پيو وڃي.