ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان اهلحديث مڪتب فڪر جي عالمن جي هڪ وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته مولانا ضياءُ الرحمان جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي، جنهن تي سنڌ جي گورنر ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي عرفان بهادر کي فون ڪيو ۽ هن وقت تائين ٿيل جاچ تي بريفنگ وٺندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڏني، هوڏانهن گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان نگران صوبائي وزير ريوينيو صنعت ۽ ڪامرس يونس ڍاگا گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ صوبي ۾ صنعتي سرگرمين، لينڊ رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن، صنعتن جي واڌاري، معاشي چئلينجز ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته زمينن جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن سان پيچيدگيون ختم ٿي وينديون، يونس ڍاگا چيو ته گورنر سنڌ جا قدم عوامي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هوڏانهن گورنر چيو ته نارٿ ناظم آباد ۾ پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن بدمزگي ڪئي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته مان پارڪ جو افتتاح نه ڪريان، ڇو ته اهو پارڪ رئوف صديقي جو نه بلڪه ٽائون جي ملڪيت آهي، هن چيو ته حافظ نعيم ميئر نه بڻجي سگهيو ته ان جو بدلو شهر جي ترقي کان نه وٺي