عوامي آواز رپورٽر رستم انڍڙ تي تشدد خلاف مظاهرا

ڪنڌڪوٽ/ پنوعاقل ( نمائندن وٽان) پنوعاقل ۾ سپيڪو طرفان بجلي چورن خلاف آپريشن جي ڪوريج لاءِ رستم انڍڙ ڳوٺ در محمد ٿھيم  ويندڙ عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ ۽ سندس ڪيمرامين کي وڏيرو امجد ٿهيم پنهنجي اوطاق ۾ يرغمال بڻائي ٻن ڪلاڪن تائين  وحشياڻي تشدد ۽ تذليل خلاف پني عاقل جي  صحافين پاران پنوعاقل  ٿاڻي تي  ڌرڻو هنيو ويو  ۽ رستم انڍڙ جي فرياد تي 9 جوابدارن مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جڏھن ته ٻن جوابدارن کي پوليس ڪارروائي ڪري گرفتار پڻ ڪري ورتو، ذريعن  عوامي آواز کي ٻڌايو ته پنوعاقل جو وڏيرو امجد ٿهيم ۽  ڪجهه بااثر  جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون  ڪري رهيا آهن ته جيئن ملوث  ماڻهن  خلاف ڪارروائي  نه ٿي سگهي. جڏهن ته عوامي آواز جي رپورٽر مٿان پني عاقل جي وڏيري امجد ٿهيم پاران يرغمال ۽  تشدد  خلاف ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين علي حسن ملڪ، راجا گوپي، حفيظ ملڪ  چند، غلام ياسين لاشاري، غلام رسول ميراڻي، ممتازسنڌي ۽ قدرت الله ميراڻي پنوعاقل جي رپورٽر رستم انڊڙ مٿان ٿيل تشدد خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پنوعاقل جي ڳوٺ درمحمدٿهيم ۾ وڏيري امجد ٿهيم پاران عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڊڙ ۽ ساٿي انورجتوئي مٿان ٿيل تشدد جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، هميشه صحافي برادري کي حق سچ لکڻ تان نشانو بڻايوويوآهي اسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ  سکرکان مطالبو ڪيون ٿاته صحافين مٿان تشددڪندڙ وڏيري امجدٿهيم کي جلند گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن جسقم ڪراچي ڊويزن جي صدر الاهي بخش بڪڪ چيو آهي ته سنڌ جي قومي اخبار عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ کي اغوا ڪري تشدد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

  • پني عاقل ۾ صحافي تي تشدد جي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي: جماعت اسلامي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري مجاهد چنا پنوعاقل ۾ سينئر صحافي راجا رستم انڍڙ کي مقامي  بااثر وڏيري پاران ڪئمرامين انور جتوئي سميت يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري صحافين کي تحفظ ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري متاثر صحافي کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته صحافي جان محمد مهر کان ويندي پنو عاقل جي صحافي کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف توڙي حڪومت نالي ڪنهن به شئي جو وجود ئي ناهي، عملي طور تي سنڌ ۾ صحافين لاءِ ڌرتيءَ ٽامو بڻائي وئي آهي، حڪومت جي سڀني دعوائن ۽ واعدن جي باوجود نوشهروفيروز جي صحافي عزيز ميمڻ کان ويندي جان محمد مهر تائين ڪنهن به صحافي جا قاتل اڄ تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.