سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عبدالله خان جمالي ۾ 30 ورھين جو نوجوان پورھيت ماھي خان ولد شاھ محمد جمالي کي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي کڏھر پوليس ۽ وارثن پاران لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، قتل ٿيل ماھي خان جمالي جي ماسات عبدالمالڪ جمالي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڳوٺ ڀرسان گاھ ڪرڻ لاءِ ويو ته ڪنھن معمولي ڳالهھ تان ميوو بروھي، محمد بخش، شمن ۽ گڊو بروھي پسٽل جا فائر ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ھو پورھيت ھو ۽ شادي شده ھو کيس اولاد به ھو، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.