شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 27 هين ورسي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون، ڀيٽا پيش

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 27 هين ورسي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي، شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو  ويو، پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ملير پاران شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي ورسي تقريب ملير جي علائقي  ليبر اسڪوائر ۾ عقيدت واحترام سان ملھائي  وئي جنھن ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪامريڊ سليم راجپوت حبيب گل حمائتي بخشل گوريلو ڊاڪٽر رئوف مغيري آزاد گوپانگ نظير لاشاري مختيار جماڻي  فقير اسماعيل سومرو  سليم کوسو علي غلام خاصخيلي عبدالله داندل وڪي شيخ بابر جماڻي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري شھيد قائد کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، پ پ شھيد ڀٽو ٺٽي پاران شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو سميت ساڻس گڏ شھيد ٿيندڙ اڳواڻن جي 27ھين ورسي جي موقعي تي تعزيتي ميڙاڪو  ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شھيد کي ڀيٽا پيش ڪئي، ورسي واري تقريب ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن بابو احسان ڀٽو، حاجي رمضان بروھي، عبدالغفور پليپوٽو، سيد مقبول شاھ ذوالفقار علي بروھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد ۽ ٻين مختلف شهرن ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران تقريبون ڪوٺائي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو  ڀيٽا پيش ڪئي وئي، اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته موجودہ ملڪي صورتحال انتھائي نازڪ آھي عوام کي گڏيل جھدوجھد ڪرڻي پوندي ، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي عوامي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس ئي گھر اڳيان ملڪ دشمن مافيا جي ڪارندن بيدردي سان کيس شھيد ڪيو، مورچابند ٿي بي دردي سان انھي ڪري شھيد ڪيو ته جيئن عوام جي حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي دٻايو وڃي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ جيڪي به ڪردار ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.