پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرن لاءِ حڪمت  عملي جوڙي ورتي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو هو جنهن جي صدارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي. پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي هئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي قيادت کي چونڊن جي تيارين جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب، پ پ سينٽرل ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڪنونشن ذريعي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

  • اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جو اجلاس 4 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ايندڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سيڪشن 233، اليڪشنز  ايڪٽ 2017ع، تحت ضابطه اخلاق تي مشاورت لاءِ سياسي پارٽين جو اجلاس 4 آڪٽوبر تي ٻنپهرن جو 2 وڳي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ضابطا اخلاق جي مسودي جي هڪ ڪاپي به سياسي پارٽين جي سربراهن ڏانهن موڪلي وئي آهي ته جيئن مشاورت وقت اهي ضابطه اخلاق تي بهتر انداز ۾ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.  ضابطه اخلاق جي ڊرافٽ جو مسودو 9 صحفن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي چيو ويو آهي ته هو ڪنهن اهڙي راءِ جو اظهار يا اهڙو عمل نه ڪندا جنهن ۾ نظريه پاڪستان يا پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ سلامتي خلاف يا پاڪستان جي عدليه جي آزادي يا خودمختياري ۽ پاڪ فوج جي شهرت کي نقصان يا توهين جو ڪو رخ نڪرندو هجي.

  •  افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر،  اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم  ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.