ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور مان پنج ھفتا اڳ اغوا ٿي ويل مغوي ساگر ڪمار نيٺ ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ٿي ويو، ايس ايس پي روحل کوسو پاران مغوي ساگر ڪمار کي ڪچي جي گھوڙا گھٽ واري علائقي مان پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ڪشمور جي چڱن مڙسن طرفان به ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون ڪيون ويون ،مغوي ساگر جي بازيابي لاءِ گذريل ڏھ ڏينهن کان ڪچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جو سرچ آپريشن ھلندڙ ھو، ھندو پنچائت پاران ساگر جي پھچڻ تي جشن ملهايو ويو، جهمريون هنيون ويون، هندو پنچائت طررفان ايس ايس پي روحل کوسو سميت عوامي آواز ميڊيا گروپ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پھرين ڏينهن کان آزادي تائين عوامي آواز ميڊيا سٿ ساٿ نڀايو ٿورائتا آهيون، ساگر ڪمار جي والد اندر ڪمار چيو ته عوامي آواز سٿ جي مهرباني آهي انهن ٻچڙي جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو، اڄ اسان وٽ وڏي خوشي جو ڏينهن آهي، ايس ايس پي ڪشمور مير روحل کوسو جو چوڻ هو ته ڪشمور جي عوام ۾ اتساهه پيدا ٿيو آهي ڪشمور جو عوام جاڳي پيو آهي، عوام جو پوليس مٿان اعتماد بحال ٿيو آهي اھو جذبو جاري رھيو ته ڪچي ۾ ٿيندڙ آپريشن ڪامياب ٿيندو ۽ مغوي بڻيل ٻيا شھري به بازياب ڪرايا ويندا، ساگر جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت طرفان چار ڏينهن پوري ضلعي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري سنڌ پنجاب بلوچستان جي سرحدي دنگ ڊيراموڙ وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو ڏيئي ڪامياب ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪري ٽن مغوين جئيديپ، جگديش ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي آزاد ڪرايو ويو، ساگر جي آزادي لاءِ امجد شيخ ڪوڙا واعدا ڪيا پر آزادي عمل ۾ نه آئي گھرو وزير ۽ اڳوڻي صوبائي وزير به غلط دعوائون ڪيون، نگران سرڪار پوليس حرڪت ۾ اچي سردارن وڏيرن تي سخت دٻاءُ وڌو جنهن بعد ڪشمور پوليس گذريل رات مغوي ساگر کي بازياب ڪرائي ورتو، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو پاران ساگر ڪمار جي بازيابي کانپوءِ پنچائتي هال پھچڻ تي شاندار استقبال ڪندي دھلن تي رقص ڪيو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي ساگر ڪمار جي والد اندر لعل ۽ سندس امڙ ۽ ڀائرن پاران ساگر ڪمار سان ملندي ئي ھر طرف جذباتي منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا ساگر ڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ وڏي درٻار مندر ۾ پراتنا ڪندي دعوائون گھريون ۽ وارثن پاران ايس ايس پي ڪشمور جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ھار پارايو ويو.
-
جسقم طرفان سکر ۾ اڄ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻي جو اعلان
حيدرآباد( پ ر) جسقم طرفان اڄ سکر ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويندو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيلن جي راڄ هر ماڻهو کي غير يقيني واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻارڙا اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن! سکر جي پريا ڪماري کي ٻه سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي، سندس امڙ هر وقت روئي رهي آهي! سکر جي سينئر صحافي جان محمد مهر کي وچ شهر ۾ سر عام گوليون کڻي شهيد ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي سچل سرمست جي نوجوان ولي محمد ڪٽپر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سڄي سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، اڄ امن جو عالمي ڏينهن آهي، سنڌ جي امن جي بحالي، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سکر ڊي آءِ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو،
-
پريالوءِ واسي 2 مغوين جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب
پريالوءِ (ن ع آ) 3 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پريالوءِ واسي ٻه نوجوان آزاد نه ٿي سگهيا، ڌاريلن طرفان مغوين جي وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو آهي، 3 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پريالوءِ جي ڳوٺ الهوڌايو بڙدي جي رهواسي 2 مغوي نوجوانن واجد علي پٽ ڏنل بڙدي ۽ زبير پٽ خادم بڙدي کي ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، مغوين جي وارثن خادم بڙدي، ارشاد بڙدي، ڏنل بڙدي پاران صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻايل ٻنهي مغوي نوجوانن زبير ۽ واجد بڙدي کي ڌاڙيلن پاران آزادي لاءِ 50 لک رپين جي گهر ڪئي وئي آهي، پوليس ڪي به قدم نه کنيا آهن، ڌاڙيلن چيو آهي پئسا نه ڏنا ويا ته اوهان جي نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏينداسين، غريب آهيون، مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.
-
پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪريون پيا، آپريشن ۾ فوج نه ايندي: حارث نواز
ڪنڌڪوٽ/ ميرپورماٿيلو/سکر (نمائندن وٽان) نگران گھرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختيار ھڪ ڏينهن جي دوري تي ڪنڌڪوٽ پھتا، دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف اعلانيل آپريشن جي تيارين بابت جائزو ورتو، دراني مھر ٿاڻي تي گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ مير روحيل کوسي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙ ڪاروائين ۽ آپريشن بابت بريفنگ ڏني ان موقعي تي گھرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪچي ۽ پڪي ۾ ڏوھارين خلاف رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪيون پيا ڏوھاري ھٿيار ڦٽڪا ڪري پوليس وٽ پيش پون ته کين قانون موجب رعايت ڏني ويندي جنهن به علائقي ۾ اغوا ۽ ڦر جو واقعو ٿيندو ته تنهن سردار کي ذميوار قرار ڏيئي سندن کان اغوا ٿيل مغوي بازياب ڪرايا ويندا، ڪشمور جي مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي پوليس جي ڪاميابي آهي ھن وقت پوليس بھتر ڪم ڪري رھي آهي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پوليس اھلڪار کي 10 ھزار الائونس ڏئي رھيا آھيون ووٽ وٺندڙن کي به عوام جي سار لھڻ ۽ امن امان ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي قبيلائي تڪرار وڏو مسئلو آهي جنهن ڪري ڏوھن ۾ اضافو ٿئي ٿو قبيلائي جھيڙن جي روڪٿام لاءِ به ڪوششون ڪري رھيا آھيون نگران سنڌ حڪومت ۾ ڀل 3 مھينا يا 6 مھينا رھون ڪم بنا پريشر جي جاري رکيو ويندو، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ رينجرز جا جوان بھادري سان وڙھي رھيا آهن جنهن ۾ ڪيترائي جوان شھيد ٿيا آهن، آپريشن ۾ فوج جي ضرورت نه پوندي اسان جي فوج ملڪ دشمن سان مھاڏو اٽڪائي سگھي ٿي ڏوھاري ڪجهه به نه آهن، آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختيار جو چوڻ ھو ته ڪچي جو مڪمل ايريا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا جوان متحرڪ آهن پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪيون پيا، پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائين سان امن ڪافي حد تائين بھتر ٿيو آهي، جڏهن ته گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ درياهه سنڌ تي تعمير ٿيندڙ ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي پل جو دورو ڪري تعميراتي ڪم ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن بابت جائزو پڻ ورتوگھرو وزير حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ سان ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ شھر جي سڃاڻ ڌرين سان ملاقاتون پڻ ڪيون.