حيدرآباد(پ ر)سنڌ هاري ڪاميٽي صدر ثمرحيدر جتوئي پاران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو لاوارث ناهن ڌرتي ڌڻين تي ظلم برداشت نه ڪنداسين پوليس ڌاڙيل جو گهيرو تنگ ڪرڻ بدران ڌرتي ڌڻين تي لٺيون ۽ آسو گيس پئي هلائي،هن چيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس جو ڪردار ڌاڙيلن وارو آهي حق گهرندڙ مظلومن تي ظلم ڪيو پيو وڃي سنڌ هاري ڪاميٽي ظلم برداشت نه ڪندي.