ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس تشدد خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) معصوم نياڻي پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ،ڌاڙيل راڄ ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي ۽ تشدد خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾  ضلعي صدر غلام نبي سومرو، جنرل سيڪريٽري ماجد عباسي، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون نصرت خاصخيلي، دانش پرمار، احمد علي دل،  بروھي اتحاد جي اڪبر بروھي، داد محمد بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر چوڪ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌاڙيلن، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي حوالي آھي،معصوم مغوي نياڻي پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪري ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن، ايم پي اي، ايم اين ايز، سردارن ۽ وڏيرن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو وڃي. هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پرامن مظاھرين تي تشدد دھشتگردي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.