اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته چترال ۾ دهشتگردي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلط پاليسين جي ڪري، خاص ڪري خيبرپختونخواه گذريل 20 سالن کان جنگ جي شعلن هيٺ آهي. چترال جهڙي پرامن ضلعي جي امن کي تباهه ڪرڻ ۽ دهشتگردي، بم ڌماڪن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري جو ڪاروبار چترال تائين ڦهلائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن،هن چيو ته چترال جي عوام سان گڏ بيٺو آهيان چترال جا ماڻهو پرامن ۽ باوقار آهن ۽ اهي چترال جي امن ۽ حقن لاءِ متحد ۽ منظم طريقي سان ڪوششون ڪندا. مان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي گذارش ٿو ڪريان ته چترال ۾ امن کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي ۽ سرحد پار دهشتگردي کي روڪيو وڃي. چترال جا ماڻهو امن امان لاءِ ٻاهر نڪري آيا. عوامي مزاحمت ذريعي ئي حڪومتن کان امن حاصل ڪري سگهجي ٿو.