کنڊ جو ڊالر سان مقابلو، ڊبل سينچري ٿيڻ بعد به اڏام نه رڪي، وڌيڪ 15 رپيا مهانگي

ڪراچي (ع آ نيوز) ملڪ جي ڪيئي شهرن ۾ ڊبل سينچري کانپوءِ به کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ تي 15 رپيا وڌيا، ڪالهه وري 15 رُپيا وڌيا ويا، جنهن کانپوءِ في ڪلو کنڊ جي ٻه سئو ويهه رُپين تائين وڃي پهتي آهي. چئن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت 40 رپيا وڌي چڪي آهي، جڏهن  ته چمن ۾ في ڪلو کنڊ 230 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ به في ڪلو کنڊ جي قيمت 200 جڏهن ته لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 176 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، پر ننڍن دڪانن ۽ بازارن ۾ کنڊ گم ٿي وئي آهي.سرگوڌا ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 35 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪلو کنڊ 185 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.