اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ مافيا، اسمگلرز ۽ ذخيره اندوزن جو راڄ آهي،حڪومت کي انهن کي لوهي هٿ سان منهن ڏيڻ گهرجي. عوام مافيا آڏو بيوس آهي، 90 رپيا في ڪلو واري کنڊ 220 رپين ۾ ملي رهي آهي، 400 ضروري شيون مهانگي پيٽروليم شين سان ڳنڍيل آهن، حڪومت پيٽروليم شين کي مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي. حڪومت کي پنهنجو وجود ثابت ڪرڻ گهرجي.