ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور واسي ساگر ڪمار ۽ منير نائچ جي امڪاني بازيابي وارين خبرن بعد سندس وارث لڳاتار انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن پيارا سامھون ايندا پر اڃان تائين پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي ڪشمور پوليس ۽ نگران گھرو وزير طرفان مغوين جي بازيابي واري دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي مغوي ساگر ڪمار ۽ منير نائچ جا وارث سڄي رات انتظار ڪندا رهيا پر مغوي نه مليا ايس ايس امجد شيخ احسان الرحمان مزاري دوست محمد مزاري کي وٺي ڌرڻي ۾ پھتو ٻن مغوين ساگر ڪمار ۽ منير نائچ کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ واري خاطري کي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ھندو پنچائت ۽ شھرين رد ڪري ڇڏيو، سڀني مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو،