سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ڪيو وڃي: عوامي جمهوري پارٽي

حيدرآباد (رپورٽر) ڪشمور ۾ پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي جي عوامي جمهوري پارٽي حمايت ڪري ٿي، سنڌ اندر هندو ۽  مسلمان کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش بند ڪئي وڃي، هندو سنڌ جا اصل وارث آهن، سنڌ امن ۽ ڀائيچاري جو خطو رهيو آهي، سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪري سنڌ ۾ امن و امان بحال ڪيو وڃي، سردار ڀوتار ۽ پوليس هڪ پيج تي آهن ۽ اهي نٿا چاهين ته سنڌ اندر امن و امان ٿئي، سنڌ اندر هندن کي ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪيو ٿو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لال شاهه، اياز چانڊيو، خادم ٽالپر، رشيد سڌايو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، نظير قريشي، نورنبي راهوجو ۽ گلاب راءِ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، هنن چيو ته سنڌي هندو سنڌ جا اصل وارث ۽ اسان جا ڀائر آهن، انهن خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين. هنن چيو ته اڄ دنيا ڏسي ڀلي بدبودار ڀوتارن ۽ جعلي پيرن خلاف سنڌ جو مڊل ڪلاس جاڳي پيو آھي، هي شعور جو سمنڊ جابرن، سردارن ۽ ڀوتارن کي لوڙهي ڇڏيندو. هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪشمور مان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، پريا ڪماري، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، منير نائچ، نازيا ڪوثر سميت ٻين مغوين کي جلد آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.