گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي وسير برادري جي ٻن اغوا ٿيلن مغوين جي آزادي لاءِ گهوٽڪي پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، آپريشن ۾ 8 ٿاڻن جي پوليس حصو وٺي رهي آهي پوليس مغوين جي آزادي تائين آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي پوليس ٻن مغوين راجا وسير ۽ سعيد احمد وسير جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي ۽ پنوعاقل جي علائقي ڪچو ٻنڊي ۽ سدوجا ۾ گڏيل آپريشن شروع ڪيو آهي، آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو ٻڌايو ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي حڪم تي مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جيڪو مغوين جي آزادي تائين جاري رهندو، هفتو اڳ گهوٽڪي جي ڳوٺ پنهون وسير جي رهواسين راجا وسير ۽ سعيد احمد وسير کي عورتاڻي آواز تي پنوعاقل جي علائقي سانگي گهرائي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، وارثن طرفان نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.