سنڌ ۾ عوامي ميڙ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو نه پر ڌاڙيلن ۽ سرڪار خلاف مڇريل ماڻهن جو جوڙيل آهي: سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) نصير ميمڻ لکيو آهي ته گٽر اٿلڻ تي ڏهه ڀيرا خبرون نشر ڪندڙ  انڌي اردو ميڊيا کي سڄي سنڌ ۾ عوامي ڌرڻن جي خبر نظر نه آئي. سنڌ جو عوام هن نام نهاد قومي ميڊيا کي تعصب جي  انڌن تي ٻڌل جعلي ميڊيا سمجهي ٿو. سنڌي ميڊيا چينل مسلسل انهن ڌرڻن کي ڪوريج ڪري رهيا آهن،ثنا بڪڪ لکيو ته سنڌ جا ضلعا ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ڌاڙيلن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجي ويا آهن، جتي ڪيترائي بيگناهه شهري خاص ڪري هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڌاڙيلن جي چنگل ۾ ڦاٿل آهن، پر بدقسمتيءَ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن خلاف موثر ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار آهن، راج ڪمار چيو ته هاڻي وري مقابلو اهو شروع ٿي ويو آهي ته ڪشمور کان وٺي ڪراچيءَ تائين مختلف شهرن ۾ لڳل ڌرڻن ۾ ڪهڙين پارٽين جي ڪهڙن اڳواڻن ۽ ڪيترن ڪارڪنن شرڪت ڪئي. حقيقت اها آهي ته هي سڄو مومينٽم ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو نه پر ڌاڙيلن ۽ سرڪار خلاف مڇريل ماڻهن جو جوڙيل آهي،آزاد لکيو ته ڪشمور ۾ ڌرڻو لڳل هيو ڪنهن تي ڪو فرق ڪونه پيو پئي ڪراچي ۾ جيئن ئي ڌرڻو لڳو سڄو پاڪستان بيچيني ۾ اچي ويو ان جو صاف مطلب آهي ته سنڌين کي ڪراچي ۾ اڃا وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.