امن تباهه ڪندڙ سردارن خلاف آپريشن ڪيو ويندو: برگيڊيئر(ر)حارث نواز

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) نگران حڪومت پيرن ۽ مرشدن جي حويلين ۾ نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين کانپوءِ سمورن پيرن، مرشدن جي حويلين پناهه گاهن ۾ سرچ آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪندي گهوٽڪي ڪشمور، سکر، خيرپورميرس ۾ امن تباهه ڪندڙ ،سردارن  ۽ وڏيرن خلاف گرينڊ آپريشن جوفيصلو ڪري ڇڏيو آهي .سنڌ جي نگران گهرو وزير  برگڊيئر رٽائرڊ حارث نواز  روزاني عوامي آواز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته هاڻي ڪنهن به نياڻي سان زيادتي نه ٿيندي ان لاءِ اسان رٿا بندي جوڙي ڇڏي آهي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي بدلين کان فوري بعد سيدن ۽ مرشدن جي حويلين ۽ پناهه گاهن تي سرچ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ڪا به نياڻي وڌيڪ زيادتي جو شڪار نه ٿئي، ان لاءِ پيرن جي حويلين جون لسٽون طلب ڪري ورتيون آهن، هن چيو ته گهوٽڪي، ڪشمور، سکر، خيرپورميرس، ڪنڌڪوٽ ۾ امن تباهه ڪندڙن سردارن ۽ وڏيرن خلاف گرينڊ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ڪو به سردار يا وڏيرو ڀلي ڪيترو به طاقور ڇو نه هجي ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو سمورن امن تباهه ڪندڙ سردارن ۽ وڏيرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيداسين، هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي خراب حالتن پٺيان انڊيا ملوث آهي  انڊيا جي خواهش تي افغاني پي ٽي آئي ۽ افغاني جهنڊا ڦڙڪائي حالات خراب  ڪن ٿا انهن جي خلاف به ٻه هٿ ڪرڻ وارا آهيون، گهرو وزير چيو ته بلوچستان جي سرڊ حب سميت جتان به منشيات اچي ٿي ان ۾ پوليس سان گڏ سياسي پارٽين جا اڳواڻ ملوث آهن انهن سمورن منشيات فروشي ۾ ملوث پوليس سان گڏ سياسي اڳواڻ خلاف به آپريشن ڪيو ويندو ۽ پوليس اندر موجود منشيات، اسمگلنگ، گٽڪي۾ ملوث ڪاري رڍن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ لٽ مار جي وارڌاتن ۾ اضافو آيو آهي پر انهن واقعن جي روڪٿام لاءَ پلان جوڙيو آهي، هن چيو ته  هندن سميت ڪنهن به اقليت تي ظلم خلاف آهيون ڪشمور ضلعي سميت اپر سنڌ مان اغوا ٿيل ٻه اقليتي شهري بازياب ڪرايا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.