پني عاقل ۾ مغوي عبدالجبار چاچڙ جي آزادي لاءِ ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) ڪشمور کانپوءِ پني عاقل ۾ به مغوي جي آزادي لاءِ قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ٻھ ھفتا اڳ ڪوٺو ڳوٺ  واسي نوجوان عبدالجبار چاچڙ کي شھر ويندي گنڊو ڪري ڦاٽڪ وٽان اغوا ٿي ويو هو، پوليس نوجوان کي ٻن ھفتن ۾ آزاد نه ڪرائي سگهي، پني عاقل بار جي صدر ايڊووڪيٽ جمال ناصر بلو ۽ ٻين سياسي سماجي، وڪيلن، شھرين ۽ مغوي جي وارثن جي اڳواڻي ۾ پنوعاقل قومي شاهراھ چونگا چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻي سان يڪجهتي به آھي ۽  پنهنجي مغوي جي آزادي لاءِ  به احتجاج  آھي ۽ جيستائين مغوي  آزاد نه ڪرايو ويندو تيسيتائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.