جماعت اسلامي پاران ڌاڙيل راڄ خلاف آپريشن جو مطالبو

ڪشمور(ن ع آ) جماعت اسلامي سنڌ ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ، سمورن مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي سميت ڏوھارين توڙي مقامي سرپرستن خلاف بي رحم آپريشن جي گھر ڪندي  چيو آھي ته ڪرپٽ حڪومت توڙي ظالم ڀوتارن کا ڪنھن خير جي اميد فضول آھي جن ڀوتارن پورا پنج سال اسمبلي ۾ عوام جي ڏکن ڏولاون تي ڪونه ڳالھايو ھاڻي وري ڪھڙا تير ھڻندا. عوام کي متحرڪ ۽ متحد ٿي ظلم خلاف آواز بلند ۽ حق حاصل ڪرڻا پوندا. ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ڪراچي ۾  ان سلسلي ۾ ڌرڻا عوامي سڄاڳي جو ثبوت آھي .جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ديرا موڙ ڪشمور ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪورٽ سڳوري درست ريمارڪس ڏنا آهن ته صرف ڏھن وڏن ڀوتارن کي گرفتار ڪريو ته سمورا ڌاڙيل پنھنجو پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.