مغوين جي بازيابي لاءِ حيدرآباد باءِ پاس تي به ڌرڻو،هزارين گاڏيون بيهجي ويون

حيدرآباد(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان مغوين جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ سوين سياسي، سماجي ڪارڪنن، وڪيلن، صحافين، اديبن ۽ عورت اڳواڻن حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻي ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ھزارين گاڏيون بيھجي ويون.  سنڌ لايرس فورم، آل سنڌ سجاڳ نوجوان اتحاد،  آل سنڌ پيپلس آف سنڌ ۽ يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان اعلانيل احتجاجي ڌرڻو نسيم نگر چوڪ تي ھنيو ويو، جنھن کانپوءِ احتجاجي مارچ ڪري حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ مختلف سياسي،  سماجي تنظيمن ۽ عورت اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وڪيلن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.  ڌرڻي کي نامياري اديب تاج جويو خطاب ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ٿيل مکي جڳديش، دليپ ڪمار، ساگر ڪمار، پريا ڪماري، جئھ ديپ سميت ڪيترائي ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن پر سنڌ جو وزير اعليٰ ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو 24 ڪالاڪن اندر اغوا ڪيل ماڻهو آزاد نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.  هن چيو تھ ايس ايس پي امجد شيخ پرامن شهرين کي احتجاج جي ڏوهه ۾ گوليون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ جو شعور رد ڪري ٿو. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح چيو تھ سنڌ جا 4 ضلعا ڌاڙيلن جي ھٿن ۾ آھن. ھن چيو تھ ھڪ سنڌ لطيف جي سنڌ آھي تھ ٻي سنڌ وڏيرن، سردارن، ڌاڙيلن ۽ جاگيردارن جي آھي، اسان کي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي ھلندي جدوجھد جاري رکڻ گھرجي، سنڌ جي شعور کي جھڪائي انھن مٿان فتح حاصل نھ ٿي ڪري سگھجي. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته موجودھ حڪمران سنڌي ماڻهن کي اغوا، چوريون، ڌاڙا ۽ ماڻهن کي گم ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آھن. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گانگهرو چيو ته سنڌ جا ٻچا اغوا آهن، ايس پي امجد شيخ احتجاج ڪندڙ ڌرتي ڌڻين کي گوليون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.  عورت اڳواڻ نظير قريشي چيو تھ سنڌ ھن وقت ڏکي صورتحال مان گذري رھي آھي، سنڌ جون نياڻيون اغوا ٿين پيون، قتل ٿين پيون، ايڊوڪيٽ مسعود سومرو چيو ته وڪيل مغوين جي آزادي تائين  چپ ڪري نه ويهندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو ته ڌاڙيل ٻن قسم جا ٿين ٿا هڪ پڪي جا ڌاڙيل ٻيا ڪچي جا، ٻنهي جو رشتو پراڻو آهي، محمد سليمان بجاراڻي چيو ته هن وقت ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ڏک ۽ تڪليف ۾ ورتل آهي، ان موقعي تي ايڊوڪيٽ محب آزاد، غني امان، گلشير ڪوريجو ۽ ايڊووڪيٽ وحيد ڪرن شورو چيو تھ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا مکي جڳديش، ديپ ڪمار، ساگرڪمار، ڊاڪٽر منير نائيچ،  فاروق احمد، الله رکيوقبراڻي ۽ ٻين جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندا. ڌرڻي ۾  قومي راڳي وقار ملاح قومي گيت ڳايا. ڌرڻي ۾ ايڊووڪيٽ سليمان ڏاھري، ذوالفقار ھاليپوٽو، فريڊ لاکو، حمز علي چانڊيو، سنڌو مڱريو، مرڪ سنڌي، ساجدھ قاضي، مھراڻ بلوچ، نويد جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.