کنڊ وازرت نويد قمر وٽ هئي( احسن اقبال) فيصلو هڪ وزارت نه ڪيو: نويد قمر

اسلام آباد( م ڊ) کنڊ بحران بابت پراڻا اتحادي آمهون سامهون ٿي پيا آهن، احسن اقبال چيو آهي ته کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت واپار واري وزارت ڪيو، جيڪا نويد قمر وٽ هئي. جڏهن ته نويد قمر چيو آهي ته کنڊ بابت فيصلو صرف هڪ وزارت ناهي ڪندي. احسن اقبال چيو ته کنڊ سميت سڄي ذميواري اسان تي نه هڻو، کنڊ جو فيصلو واپار وزارت ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي  حڪومت اتحادي هئي، سڄي ذميواري اسان تي نه هڻو. احسن اقبال جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نويد قمر چيو ته کنڊ ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو هڪ وزارت نه ڪيو. هن چيو ته احسن اقبال جي ڳالهين تي حيرت آهي، ميرٽ تي ٻڌائجي ته فيصلو صحيح هو يا غلط هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.