اسلام آباد(م ڊ)پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته نويد قمر 250000 ٽن کنڊ جي باضابطا ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني ته جيئن اسحاق ڊار کي ڪجهه پرڏيهي مٽاسٽا ۾ مدد ملي سگهي،هن ٽوئيٽر تي لکيو ته راڻا ثناءُ الله 1.4 ملين ٽن کنڊ اسمگل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊالر تي سمگلرن نفعو ڪمايو پر احسن اقبال نويد قمر کي ذميوار قرار ڏئي ٿو.