لاهور(م ڊ) ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) دهشتگرديءَ جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي آپريشن دوران ڪالعدم تنظيمن جي مبينه طور 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي . ترجمان مطابق سي ٽي ڊي پنجاب دهشتگرديءَ جي اڻوڻندڙ واقعي کي اثرائتي نموني سان مُنهن ڏيڻ لاءِ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 49 ڳجهيون ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران 49 شڪي ماڻهن کان پُڇاڳاڇا ڪئي وئي ۽ ڪالعدم تنظيمن جي 7 مبينه دهشتگردن کي گرفتار سندن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي.
آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ضمانت منظور
ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ڪلفٽن پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني ۽ ٻين جي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت آغاسراج دراني جي ضمانت 10لک رپين جي عيوض منظور ڪري ورتي، عدالت 2 سيپٽمبر تي ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، آغاسراج دراني عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي ،گهروکاتوسنڌ آغا سراج دراني جي گهر کي جيل قرار ڏنو هو . نگران وزيراعظم سان ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ملاقات، معاشي صورتحال تي ڳالهيون
نگران وزيراعظم سان ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ملاقات، معاشي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ملاقات ڪئي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر وزيراعظم کي موجوده ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
انوارالحق ڪاڪڙ سان مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي ملاقات
اسلام آباد (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني ڪالهه سومر ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم سان ڪراچي جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
ايف بي آر 38 شگرملن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي
اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميڊيا تي ڪسان پاڪستان نالي ٽوئيٽر هينڊلر تان لکيو ويو ته شريف خاندان، جهانگير ترين ۽ ذڪا اشرف سميت 38 شگر ملن جي مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آهي، ايف بي آر جون مانيٽرنگ ٽيمون اڻڄاتل مدي تائين شگر ملز جي احاطي ۾ مقرر آهن. سيلز ۽ ملز جي حدن مان نڪرندڙ کنڊ جو روزانو رڪارڊ گڏ ڪيو ويندو ۽ سيلز ٽيڪس جي چوري کي روڪڻ لاءِ ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت درخواستن تي ڪارروائي ملتوي
لاهور(م ڊ)لاهور جي دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت خاص عدالت عسڪري ٽاور، ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت جي درخواستن تي ڪارروائي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي وڪيلن کان دليل طلب ڪيا آهن. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت جي ايڊمن جج عبهر گل خان ڊاڪٽر ياسمين راشد جي آزاديءَ لاءِ دائر ضمانت جي درخواستن تي ٻُڌڻي ڪئي.