ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر)سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين لاءِ نگران وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي، لسٽون اليڪشن ڪميشن حوالي، ايس اينڊ جي اي ڊي پاران 3 سيپٽمبر آچر واري ڏينھن تي خط لکي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۾ نگران حڪومت ۾ مقرر ٿيندڙ ڪامورن جي لسٽ اماڻي ڇڏي. تفصيل موجب نگران وڏي وزير کان سمري منظور ٿيڻ بعد پوسٽنگ انتظار ۾ ويٺل گريڊ 21 ھين جو شڪيل احمد مڱڻيجي کي چيئرمين پي اينڊ ڊي مقرر ڪرڻ ۽ اتان حسن نقوي کي ھٽائڻ جي تجويز ڏني وئي. زاھد علي عباسي پوسٽنگ انتظار ۾ ويٺل گريڊ 21 ھين جو سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ٿيندو، پوسٽنگ انتظار ۾ ويٺل گريڊ 21 ھين ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي کي سيڪريٽري ناڻو کاتو، منظور احمد شيخ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڪمشنر ڪراچي ڊويزن محمد اقبال ميمڻ کي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن مقرر ڪرڻ ۽ غلام اڪبر لغاري کي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، 20 ھين گريڊ جي عاطف الرحمان کي سيڪريٽري ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس بدلي ڪري سيڪريٽري گھرو کاتو، 20 ھين گريڊ جي صدف انيس شيخ اسپيشل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جتان احمد بخش ناريجو کي رپورٽ ڪرڻ، 20 ھين گريڊ جي سردار علي شاھ کي چيف انجنيئر آبپاشي کاتو کي سيڪريٽري آبپاشي کاتو. ظريف اقبال کيڙو کي ھٽائڻ جي تجويز، 20 گريڊ شھاب قمر انصاري اسپيشل سيڪريٽري فنانس ڊپارٽمينٽ کي سيڪريٽري (آءِ اينڊ سي) ايس اينڊ جي اي ڊي مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، 20 ھين گريڊ جو فياض عباسي ڪو آرڊينيٽر ايمرجنسي سينٽر فار پوليو اريڊيڪيشن اينڊ ايمونائزيشن سنڌ کي سيڪريٽري انرجي ڊپارٽمينٽ مقرر ڪرڻ ۽ جتان ابوبڪر احمد کي رپورٽ جي تجويز ڏني وئي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20 ھين گريڊ جي نديم احمد ابڙو کي سيڪريٽري خوراڪ کاتو مقرر ڪيو ويو آھي جتان راجا خرم شھزاد عمر کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20 ھين گريڊ جي عمر فاروق بلو کي سيڪريٽري ھيومن سيٽلمينٽ اينڊ اسپيشل ڊولپمينٽ مقرر ڪيو ويو آھي جتان محمد نديم کي ھٽايو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي بلاول احمد ميمڻ ڪمشنر حيدر آباد ڊويزن کي پرنسپل سيڪريٽري گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي، 21 ھين گريڊ جي آغا واصف عباس سيڪريٽري انوائرمينٽ اينڊ ڪلائمينٽ چينج اينڊ ڪوسٽل ڊولپيمينٽ کي پرنسپل سيڪريٽري وزير اعليٰ سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي، 21 ھين گريڊ جي نجم احمد شاھ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي سيڪريٽري صحت مقرر ڪيو ويو آھي جتان سھيل احمد قريشي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي، 21 ھين گريڊ جي ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر کي سيڪريٽري ايڪسائز ٽيڪسيشن نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي اسد ضامن ڊائريڪٽر جنرل پي پي پي يونٽ ناڻو کاتو کي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي نور احمد سمون اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز مقرر ڪيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي اصغر علي ميمڻ چيف ايڪانامسٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ڪيو ويو آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20 ھين گريڊ جي مريد راھمون کي سيڪريٽري انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ مقرر ڪري جتان تميز کيڙو کي رپورٽ لاءِ چيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ اسد الله ابڙو ڊائريڪٽر ٽريننگ ٽي ايم آر ونگ سروسز ڊپارٽمينٽ کي ميمبر لينڊ يوٽيلائزيشن سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي جتان محمد شريف شيخ کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي 20 ھين گريڊ جي طاھر حسين سانگي اسپيشل سيڪريٽري ھيلٿ ڊپارٽمنيٽ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر جنرل ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آھي جتان پرويز احمد بلوچ کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جو نسيم الغني سھتو سيڪريٽري وومين ڊولپيمنٽ کي بدلي ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپيمنٽ اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آھي جتان نجب الدين کي بدلي ڪيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي جلال الدين مھر ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ کي بدلي ڪري مينجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ مقرر ڪيو ويو آھي جتان خادم حسين چني کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، 20 ھين گريڊ جي گھنور لغاري ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن کي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آھي، جتان محمد نديم کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20 ھين گريڊ جي محمد اسحاق کھڙو کي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آھي جتان محمد ياسين شر کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 21 ھين گريڊ جي دانش سعيد کي ميمبر جڊيشل بورڊ آف روينيو سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي، 20ھين گريڊ نجم الدين ثاقب کي سيڪريٽري فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائف مقرر ڪيو ويو آھي جتان بدر جميل مينڌرو کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي، جڏھن ته محمد سليم راجپوت کي ڪمشنر ڪراچي ڊويزن، خالد حيدر شاھه ڪمشنر حيدر آباد ڊويزن، فيصل احمد عقيلي ڪمشنر ميرپور خاص ڊويزن، سيد محمد سجاد حيدر ڪمشنر شھيد بينظير آباد، ذوالفقار علي شاھھ ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ عبدالوحيد شيخ کي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي. عبدالفھيم خان ڊپٽي ڪمشنر ڪيماڙي ڪراچي، ڪيپٽن رٽائرڊ الطاف حسين ساريو ڊي سي ڪراچي سائوٿ، جنيد اقبال خان ڊي سي ڪراچي ويسٽ، الطاف احمد شيخ ڊي سي ڪراچي ايسٽ، صفدر حسين رضوي ڊي سي ڪراچي سينٽرل، فواد غفار ڊي سي ڪراچي ڪورنگي، ڪيپٽن رٽائرڊ سعيد لغاري ڊي سي ملير، اسد علي خان ڊي سي ٺٽو، عبدالفتاح ھليو ڊي سي بدين، علي ذوالفقار ميمڻ ڊي سي ڄامشورو، لياقت علي ڀٽي ڊي سي مٽياري، ڌرمون ڀواني ڊي سي ٽنڊو محمد خان، طارق قريشي ڊي سي حيدر آباد، الطاف گوھر ميمڻ ڊي سي ٽنڊو الھيار، عبدالواجد شيخ ڊي سي سجاول، فياض حسين راھوجو دادو، ڊاڪٽر رشيد مسعود خان ڊي سي ميرپور خاص، ولي محمد بلوچ ڊي سي عمر ڪوٽ، عبدالحليم جاگيراڻي ڊي سي ٿرپارڪر، جاويد احمد ڪنڀر ڊي سي لاڙڪاڻو، دادلو زھراڻي ڊي سي جيڪب آباد، سجاد حيدر قادري ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ، الطاف احمد چاچڙ ڊي سي شڪارپور، فرخ شھزاد قريشي ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، زاھد حسين ڊي سي شھيد بينظير اباد، عمران الحسن خواجھ ڊي سي سانگھڙ، محمد ارسلان سليم ڊي سي نوشھرو فيروز، فياض احمد مھيسر ڊي سي سکر، سيد فواد ڊي سي خيرپور، آغا شير زمان ڊي سي گھوٽڪي مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ نگران سرڪار پاران ڪامورن جي مقررين ۽ بدلين جي حوالي سان ايس اينڊ جي اي ڊي پاران 3 سيپٽمبر آچر واري ڏينھن تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اسلام آباد کي خط لکي سندس راضپو ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آھي.