آءِ ايم ايف نگران سرڪار جو بجلي بلن ۾ رليف پلان رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) آءِ ايم ايف نگران سرڪار جو بجلي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت  جي بجلي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزارت موجب پلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته بجلي جي بلن ۾ رليف سان ساڍن 6 ارب رپين کان گهٽ جو اثر پوندو، آءِ ايم ايف پلان رد ڪندي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جو اثر ٻڌايو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 15 ارب جي مالياتي گنجائش پوري ڪرڻ جو پلان به گهري ورتو آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٻيهر پلان شيئر ڪيو ويندو، جنهن ۾ دير ٿي رهي آهي، نئون پلان شيئر ٿيڻ تي آءِ ايم ايف عملدار ۽ ناڻي واري وزارت ٻيهر ڳالهيون ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.